- Advertisement -
190ملين پائونڊ ڪيس ۾ اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا.
اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.
تحريڪ انصاف باني جي گهرواري بشريٰ بي بي عدالت ۾ پيش نه ٿي.
بشريٰ بي بي طرفان طبي بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪرائي وئي.
عدالت مسلسل غير حاضري جي بنياد تي بشريٰ بي بي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ٻڌڻي 26 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي- Advertisement -
