- Advertisement -
بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سڪيورٽي فورسز مستونگ ضلعي ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن پنجگور ۾ شهيد ٿي ويل ڊپٽي ڪمشنر ذاڪر علي جي شهاد جي پلاند ۾ ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ بي ايل اي جا 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 دهشتگرد زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد ڪيترين ئي دهشتگردي جي ڪاررواين ۽ ڊي سي پنجگور جي قتل ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين سان واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن.- Advertisement -
