تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بچاءَ واري وزير خواجه آصف، بشريٰ بي بي جي سعودي عرب بابت بيان کي رد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف، بشريٰ بي بي جي سعودي عرب بابت بيان کي رد ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته بشريٰ بي بي جو بيان پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا خراب ڪرڻ جي سازش آهي، جيڪڏهن بشريٰ بي بي شريعت آهي ته پوءِ الله ئي حافظ آهي، پهريون چوندا هئا ته آمريڪي غلامي نامنظور، هاڻي چون ٿا ته آمريڪي غلامي منظور، علي امين گنڊاپور وڏو وزير هئڻ سبب اسٽيبشلمينٽ سان رابطي ۾ آهي، حڪومت جون پي ٽي آءِ سان ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته بشريٰ بي بي جو هڪ بيان آيو، سندن سعودي عرب سان تاريخي، مذهبي ۽ معاشي لاڳاپا آهن، 28 لک پاڪستاني سعودي عرب ۾ ڪم ڪندا آهن. سندس چوڻ هو ته سعودي عرب سان لاڳاپن کي سياست جي نذر ڪيو پيو وڃي، بشريٰ بي بي جو بيان پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا خراب ڪرڻ جي سازش آهي، سندن سياست جي ٻيڙي ٻڏي رهي آهي ان لاءِ اهڙو بيان ڏنو ويو. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته ليڊر شپ لاءِ ٽي عورتون هڪ پاسي ۽ هڪ عورت ٻئي پاسي آهي، اها سياست جي انتها آهي، پي ٽي آءِ قيادت طرفان مذهبي ڏيوالي پن جو به مظاهرو ڪيو ويو. هن چيو ته بشريٰ بي بي پنهنجو پاڻ کي شريعت چئي رهي آهي، الله جي ذات کانسواءِ ڪنهن هستي کي سجدو ڪرڻ جي اجازت ناهي، قمر جاويد باجوه کي ذاتي طور پاڻ هن الزام جي ترديد ڪرڻ گهرجي. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته پهريون چوندا هئا ته آمريڪي غلامي نامنظور، هاڻي چون ٿا ته آمريڪي غلامي منظور، علي امين گنڊاپور وڏو وزير هئڻ سبب اسٽيبشلمينٽ سان رابطي ۾ آهي، حڪومت جون پي ٽي آءِ سان ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
29 %
0.8kmh
100 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون