جيستائين هو زنده آهي فاٽا ۽ پاٽا تي ڪنهن به قسم جي ٽيڪس نه لڳندي: علي امين گنڊاپور

- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير  علي امين گنڊاپور چيو آهي ته جيستائين هو زنده آهي فاٽا ۽ پاٽا تي ڪنهن به قسم جي ٽيڪس نه لڳندي. سوات ۾جلسي کي خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته هو پي ٽي آءِ باني جي ڪري خاموش آهن، جيڪڏهن هو نڪتا ته مخالف جو ڪو ذڪر به نه ڪندو. هن چيو ته پشتونن سدائين قربانيون ڏنيون، شخصيتن جا فيصلا ملڪ ۽ ادارن جي تباهي ڪري رهيا آهن، هو شخصيتن جي فيصلن کي تسليم نٿا ڪن. ڪي پي جي وڏي وزير چيو ته مخالفن وٽ عوامي مينڊيٽ ۽ اخلاقي جرئت ناهي، چون ٿا مٿس ٽيڪس لڳائيندا، هو چوي ٿو ته مٿس فيصلا نه مڙهيو، ملڪ شخصيتن نه پر آئين تحگت هلندا آهن. علي امين گنڊاپور چيو ته  هو پنهنجي حق لاءِ وڙهندا ۽ مرندا، کيس خبر پئي آهي ته غيرقانوني طريقي سان ٻيلا ڪاٽيا پيا وڃن، پي ٽي آءِ باني هڪ سوچ ۽ نظريي جو نالو آهي،  جنهن کي ڪو به ختم نه ٿو ڪري سگهي. خيبرپختونخوا جي وڏي وزير چيو ته جعلي ڪيسن ۾ سندن ليڊر کي سزائون ڏنيون پيون وڃن……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.5 ° C
27.5 °
27.5 °
37%
2.9m/s
0%
سُومر
27 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون