تازه ترين

حڪومت اسلام آباد ۾ پرڏيهين جي فول پروف سڪيورٽي لاءِ اسپيشل پروٽيڪشن فورس قائم ڪرڻ جو فيصلو

حڪومت اسلام آباد ۾ پرڏيهين جي فول پروف سڪيورٽي لاءِ اسپيشل پروٽيڪشن فورس قائم ڪرڻ جو فيصلو، ريڊ زون سميت سمورين اهم آفيسن ۽ هنڌن جي سڪيورٽي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته پرڏيهين جي سڪيورٽي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال بابت اهم اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي منشيات جي خريداري ۽ وڪري ۾ ملوث ٽولن خلاف ڀرپور ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏيندي چيو ته تعليمي ادارن ٻاهران آئس سميت ٻين نشي واري شين جو وڪرو ڪنهن به صورت ۾ برداشت ناهي، منشيات وڪرو ڪندڙ خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.

سندس چوڻ هو ته ايف آءِ آر جي داخلا کي سئو سيڪڙو يقيني بڻايو وڃي، ڪيس داخل نه ڪرڻ يا دير ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ تي لاڳاپيل پوليس آفيسر خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پرڏيهي شهرين جي فول پروف سڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اسلام آباد ۾ پرڏيهين شهرين جي سڪيورٽي لاءِ اسپيشل پروٽيڪشن فورس ٺاهڻ جو اصولي فيصلو به ڪيو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.5 ° C
23.5 °
23.5 °
14 %
0.9kmh
0 %
آچر
24 °
سُومر
28 °
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
33 °

تازه ترين خبرون