تازه ترين

پي ٽي آءِ هڪ ٻئي 9 مئي سانحي جي رٿابندي ڪري رهي آهي؛ فيصل ڪريم ڪنڊي

پيپلز پارٽي، تحريڪ انصاف جي فوجي قيادت سان ڳالهين جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو، فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ هڪ ٻئي 9 مئي سانحي جي رٿابندي ڪري رهي آهي، تحريڪ انصاف قيادت کي فوج بدران سياستدانن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، ڪي پي جي وڏي وزير اسلام آباد تي چڙهائي ڪئي ته ايندو پنهنجي مرضي سان پر واپسي جو فيصلو وفاقي سرڪار ڪندي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ماڻهو سندن مذاق اڏائيندا هئا ته پيپلزپارٽي سنڌ تائين محدو آهي، اڄ پاڻ تحريڪ انصاف ڪي پي تائين محدود ٿي چڪي آهي.

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ هڪ ٻئي 9 مئي سانحي جي رٿابندي ڪري رهي آهي، تحريڪ انصاف قيادت کي فوج بدران سياستدانن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.

پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اڄ تحريڪ انصاف ۾ ڪيترائي آواز اٿي رهيا آهن، پي ٽي آءِ اڳواڻن جا بيان هڪ ٻئي سان ناهن ملي رهيا، تحريڪ انصاف ۾ بيچيني واري صورتحال آهي.

هن چيو ته هو سياستدان آهن ڳالهين تي يقيني رکن ٿا، تحريڪ انصاف مس ڪال جو انتظار ڪري رهي آهي.

پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته تحريڪ انصاف هڪ ڀيرو ٻيهر ڏڦيڙ جي سياست ڪري رهي آهي، ڪي پي جي وڏي وزير اسلام آباد تي چڙهائي ڪئي ته ايندو پنهنجي مرضي سان پر واپسي جو فيصلو وفاقي سرڪار ڪندي.

سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف کي ننڍي چونڊ ۾ ترين شڪست ملي، پي ٽي آءِ کي خيبرپختونخوا ۾ اين ايف سي ايوارڊ جي مد ۾ 50 کان 60 ارب ڏنا ويا، تحريڪ انصاف جي حڪومت اهي ڪٿي خرچ ڪيا؟، پي ٽي آءِ دهشتگردي جي فنڊن تي عياشي ڪئي.

پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته تحريڪ انصاف هاڻي سعودي عرب تي به تنقيد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، ماضي ۾ پي ٽي آءِ چيني صدر جو دورو ملتوي ڪيو هو

 

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
27.4 ° C
27.4 °
27.4 °
10 %
3.6kmh
0 %
آچر
27 °
سُومر
28 °
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
33 °

تازه ترين خبرون