تازه ترين

حڪومت بجلي جي چوري روڪڻ لاءِ پرعزم آهي : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته حڪومت بجلي جي چوري روڪڻ لاءِ پرعزم آهي، ٽرانسميشن جي ڪمزورين کي ٺيڪ ڪرڻ تائين سمورا قدم ضايع ٿي ويندا، ٽينڪر مافيا ملڪ جي دولت ڳڙڪائي رهي آهي. وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ بجلي جي  شعبي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسحاق ڊار، خواجه آصف، احد چيما، عطا تارڙ، اويس لغاري، ڊاڪٽر مصدق ملڪ  ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ عام ماڻهوءَ لاءِ بجلي في يونٽ گهٽائڻ لاءِ وڏا فيصلا ڪيا ويا. شهباز شريف هدايت ڪئي ته بجلي گهرن کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪيو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي شمسي توانائي جي منصوبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري بابت قدم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته برسات سبب پن بجلي جي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو، اين ڊي ايم ايَ کي هدايت ڪئي آهي ته صوبن سان رابطن ۾ رهي ۽ برساتن سبب جتي به نقصان ٿيو آهي اتي امداد پهچائي وڃي. هن چيو ته اين ڊي ايم ايَ کي برساتن سبب وڌيڪ  جاني نقصان کان بچڻ لاءِ قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته سسٽم جي حالت خراب آهي، ٽرانسميشن جي ڪمزورين کي ٺيڪ ڪرڻ تائين سمورا قدم ضايع ٿي ويندا. شهبازشريف چيو ته بجلي جي سپلاءِ نظام ۾ اضافو اڻٽر آهي، بجلي چوري روڪڻ لاءِ پنجاب جون ڪوششون ساراهه جوعيو آهي، ٻيا صوبا به بجلي جي چوري روڪڻ لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ بجلي جا بلين ڊالرن جا منصوبا آهن، ٽينڪر مافيا ملڪ جي دولت ڳڙڪائي رهي آهي. شهبازشريف چيو ته بهترين ماهر موجود آهن، انهن کي اڳتي کڻي اچو ته جيئن اهي رپورٽون ڏيڻ ۽ هو تيزيءَ سان ان طرف اڳتي وڌن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
24 %
2.6kmh
0 %
سُومر
32 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
30 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون