دادو ويجهو تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان فوت ، هڪ ڄڻو زخمي

spot_img
دادو ويجهو تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. خدا آباد ٿاڻي جي حد انڊس هائي وي تي تيز رفتار ڪار موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن سبب موٽرسائيڪل سوار مختيارننگر واسي عامر پٽ حيات آرائين ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته نوجوان شهباز آرائين زخمي ٿي پيو. اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو. لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس چوڻ هو ته حادثي بعد ڪار سوار فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
10.9 ° C
10.9 °
10.9 °
26%
0.8m/s
37%
اڱارو
11 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون