- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته دهشتگرد 10 حملا ڪندا ته هزار ڀيرا جواب ڏنو ويندو، شهيدن جون قربانيون لازوال ۽ قوم تي قرض آهن، ڪي پي پوليس جي قربانين جو قرض ادا نه ٿو ڪري سگهجي، معاشري ۾ ڪجهه ماڻهو خير ۽ ڪجهه بدبخت وري وڳوڙن جو ساٿ ڏيندا آهن، بدنصيب ماڻهو قرآن ۽ حديث کي جواز بڻائي دهشتگرد حملا ڪندا آهن.
پشاور ۾ خيبرپختونخوا پوليس درٻار کي خطاب ڪندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته هو خيبرپختونخوا جي باهمت، غيرتمند ۽ باوفا جوانن کي سلام پيش ڪن ٿا، ملڪ سعد ۽ صفت غيور جهڙا آفيسر ڪي پي پوليس جو اثاثو آهن.
سندس چوڻ هو ته هو ڪي پي پوليس جي قربانين جو قرض ادا نٿا ڪري سگهن، انساني معاشري ۾ ڪجهه ماڻهو خير ۽ ڪجهه بدبخت وڳوڙن جو ساٿ ڏيندا آهن.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته وڳوڙي خدا جي زمين تي ڏڦيڙ پکيڙيندا آهن، هو دهشتگردن کان نٿا ڊڄن، دهشتگردي جو ڀرپور طاقت سان جواب ڏنو ويندو.
هن چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول ۾ بدبختن ٻارڙن کي نشانو بڻايو، بزدل لڪي وار ڪندا آهن، هو دهشتگردن کي پاڙان ختم ڪري ڇڏيندا، حق جي راهه ۾ جان ڏيندڙن جو اعليٰ مقام آهي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته اوهان اعتماد ۽ يقين سان وڳوڙن جو مقابلو ڪريو، اهي ڪريل ماڻهو آهن جن پشاور ۾ ٻارن تي حملو ڪيو، دهشتگرد 10 حملا ڪندا ته هزار ڀيرا جواب ڏنو ويندو.
سندس چوڻ هو ته دهشتگرد اسلام جي نالي تي ماڻهن کي ڊيڄاريندا آهن، هي ماڻهو پنهنجي ٻرن کان ٻاهر ناهن نڪرندا، جيڪو پاڪستان جي قانون کي نٿو مڃي اهو هتان هليو وڃي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته سڪيورٽي اهلڪارن سبب هو سڪون جي ننڊ ڪندا آهن، دهشتگردن سان جيڪو جيڪو لاڳاپيل هوندو هو ان سان ويڙهه ڪندا، هو اي پي ايس جي گلن کي واپس ته نٿا آڻي سگهن پر جيڪي دهشتگردن سان گڏ آهن سندن هٿن کي ضرور روڪيندا، دهشتگردي خلاف جنگ کٽي چڪا آهن کٽڻ جي اعلان ۾ رڳو ڪجهه وقت لڳندو.- Advertisement -
