دِير ۾ خميس ڏينهن ٻيلي ۾ لڳل باهه وسائڻ لاءِ پاڪ فوج، فرنٽيئر ڪور نارٿ ۽ ٻين ادارن جو ريسڪيو آپريشن جاري

0
517

دِير ۾ خميس ڏينهن ٻيلي ۾ لڳل باهه وسائڻ لاءِ پاڪ فوج، فرنٽيئر ڪور نارٿ ۽ ٻين ادارن جو ريسڪيو آپريشن جاري آهي.

دير جي علائقي ادينزي جي ٻيلي ۾  باهه لڳي وئي، جيڪا ٽن ڪلوميٽرن تائين پکڙجي وئي، جنهن کي وسائڻ لاءِ پاڪ فوج سميت ٻيا ادارا متحرڪ آهن.

تيز هوا سبب باهه جي شدت ۾ اضافو هجڻ باوجود رات آپريشن جاري رهيو، پاڪ فو جو هڪ ايم آءِ سيونٽين هيليڪاپٽر به ريسڪيو آپريشن ۾ حصو وٺي رهيو آهي.

پاڪ فوج، فرنٽيئر ڪور نارٿ ۽ ٻين ادارن جي وقت سر ريسڪيو آپريشن سبب باهه کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪيو ويو آهي، مڪمل باهه وسائڻ تائين آپريشن جاري رهندو………

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here