تازه ترين

آمريڪا پاران پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن جي سخت مذمت

- Advertisement -
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل چيو آهي ته راند ملڪن کي ڳنڍڻ جو ذريعو هوندي آهي، پاڪستان ۽ ڀارت گڏيل لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهن ٿا. نيويارڪ ۾ پريس بريفنگ ۾ ويدانت پٽيل جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ 9 نومبر تي ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪن ٿا. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سندن ڀائيوار آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان بيروت جي ڳتيل آبادي تي اسرائيلي حملن تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ويدانت پٽيل جو چوڻ آهي ته لبنان جي ڳتيل آبادي وارن علائقن تي حملن جي مخالفت ڪن ٿا، ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهن ته ڳتيل آبادي وارن علائقن تي حملن جي خلاف آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24 ° C
24 °
24 °
13 %
0.6kmh
4 %
اڱارو
25 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون