- Advertisement -
روهڙي ۾ هٿياربندن پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.
شهزادي پاڙي ۾ ٽي هٿياربندن ٻارڙن کي اسڪول ڇڏي واپس ايندڙ سيد ڪليم حيدر شاهه کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان ڪليم حيدر شاھ جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو.
پوليس جو چوڻ هو ته ڪجهه عرصو اڳ سيد ۽ جعفري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ زمين جي معاملي تان جھيڙو ٿيو هو، جنهن تان واقعو پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
