تازه ترين

رينجرز وٽ اختيار آهن ۽ ڪارروايون ڪري رهي آهي: شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته  رينجرز وٽ اختيار آهن ۽ ڪارروايون ڪري رهي آهي، اسٽريٽ ڪرائيم دوران رينجرز نه اچڻ جو تاثر درست ناهي، ڪراچي وڏو شهر آهي، ڪا به حڪومت نه چاهيندي ته ان جي دور ۾ امن امان جو  مسئلو ٿئي، اسٽريٽ ڪرائيم تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن. جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته بدقسمتيءَ سان اسٽريٽ ڪرائيم جو مسئلو سڄي ملڪ ۾ وڌيو آهي، نئون گهرو وزير ۽ نئون آءِ جي محنت ڪري هريا آهن. هن چيو ته هو نٿو سمجهي ته امن امان جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي وفاق جي مدد جي ضرورت آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي وڏو شهر آهي، غير قانوني پرڏيهي وڏو مسئو آهن، اڪثر وارداتن ۾ غيرقانوني پرڏيهي ملوث نڪتا آهن، ڪوشش آهي ته کين جلد پنهنجي ڏيهه واپس موڪليو وڃي. اطلاعات واري وزير چيو ته پوليسنگ وڌائي وئي آهي، سيف سٽي منصوبي لاءِ ساڍا 5 ارب رليز ڪيا ويا آهن، پوليس ۽ رينجرز ٻئي محنت ڪري رهيا آهن، ٻنهي کي هڪ جيترا اختيار آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، انشاءَ الله جلد ان تي ضابطو آندو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
24 %
3.3kmh
1 %
آچر
27 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون