- Advertisement -
کهڙا ۾ ڏيڍ مهيني کان بند پيل اسڪل کُلي نه سگهيو آهي، جنهن سبب سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي.
وانڍ ڪالوني جو پرائمري اسڪول کلي گذريل ڏيڍ مهيني کان بند هجڻ ڪري رجسٽرڊ سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم تباهه ٿي رهي آهي.
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته تعليم کاتي جي بي ڌياني سبب شاگردن جو سال ضايع ٿيڻ جو خدشو آھي، ڪيترائي ڀيرا ٽي اي او گمبٽ کي شڪايتون ڪيون آهن، پر اسڪول کلي نه سگهيو آهي.
هنن تعليم واري صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري تعليم کان مطالبو ڪيو ته فوري طور اسڪول کولرائي ٻارڙن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.- Advertisement -
