- Advertisement -
سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي بئراجن سميت ڪيتروئي اهم رڪارڊ برطانيا ۾ محفوظ آهي، ٻطرفي سهڪار تحت رڪارڊ سنڌ حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري وزير ذوالفقار علي شاهه برطانوي پارليامينٽ جو دورو ڪيو.
ليبر پارٽي جي ڪائونسلر برطانوي وزيراعظم جي صلاحڪار زرار قيوم صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه جو آڌرڀاءُ ڪيو.
برطانوي وزيراعظم جي صلاحڪار زرار قيوم سان گڏ صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه هائوس آف ڪامنس ۽ هائوس آف لارڊس جو دورو ڪيو.
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه دوري دوران برطانوي حڪومتي ميمبرن ۽ پارليامينٽ ميمبرن سان ملاقات ڪئي.
سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه دوري دوران برطانوي حڪومتي ميمبرن ۽ پارليامينٽ ميمبرن کي پاڪستان خاص طور سنڌ جي دوري جي دعوت ڏني.
برطانيا ۾ موجود سنڌ جي تاريخي رڪارڊ بابت صوبائي وزير ذوالفقار علي شاهه ميمبرن سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي بئراجن سميت ڪيتروئي اهم رڪارڊ برطانيا ۾ محفوظ آهي.
هن چيو ته سندن ڪوشش هوندي ته ٻطرفي سهڪار تحت رڪارڊ سنڌ حوالي ڪيو وڃي، برٽس دور ۾ انفرا اسٽرڪچر سياسي تاريخ بابت رڪارڊ جي حوالي ٿيڻ سان سنڌ جا ماڻهو تاريخ کان واقف ٿيندا.
سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪلچرل ايڪسچينج پروگرام ٿيڻ گهرجي.
سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه دوري دوران يادگار پيش ڪئي وئي.- Advertisement -
