تازه ترين

سنڌ جي سرموڙ شاعر ۽ صوفي بزرگ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 281 هين عرس مبارڪ جون تياريون مڪمل

- Advertisement -
سنڌ جي سرموڙ شاعر ۽ صوفي بزرگ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 281 هين عرس مبارڪ جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن. ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه جي نگراني ۾ ثقافت کاتي پاران عرس مبارڪ جا ٽئي ڏينهن مختلف پروگرام ترتيب ڏنا ويا آهن. صوبائي سيڪٽري ۽ چيف ايڊمنسٽريتر اوقاف فرخ شھزاد قريشي جي هدايت تي درگاھ جي خوبصورتي، رنگ ورغن جو ڪم مڪمل ڪيو ويو. عرس مبارڪ جي موقعي تي درگاھ کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو آهي. ثقافت، اوقاف کاتي، ضلعي انتظاميه ۽ بلديات کاتي  سميت سمورن ادارن پاران تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ جي سربراهي ۾ گذريل ڏينهن برسات جي تيز وسڪاري کانپوءِ ڀٽ شاھ ٽائون انتظاميه ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي عملدارن شهر جي مختلف هنڌن تان برساتي پاڻي فوري نيڪال ڪرايو. ٽن ڏينهن واري عرس مبارڪ لاءِ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪندي 1600 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا. روايتي طور تي عرس مبارڪ جو افتتاح سنڌ جو گورنر مزار تي چادر چاڙهي ڪندو، ٽن ڏينهن وارو عرس مبارڪ 20 کان 22 آگسٽ تائين ڀٽ جي نگري ۾ جاري رهندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
39 %
0.7kmh
0 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون