- Advertisement -
چانڊڪا ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو انتظاميه شاگردن جا مطالبا تسليم ڪندي هاسٽل پرووسٽ، سيڪيورٽي انچارج، گرلس هاسٽل جي ڊپٽي پرووسٽ ۽ وارڊن کي ھٽائي سندن خلاف جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي.
حراسمينٽ جي واقعن کي روڪڻ لاءِ اينٽي حراسمينٽ سيل سان گڏ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڻ شامل آهن.
آل اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چانڊڪا ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي انتظاميه سان ڳالھيون ڪامياب ٿيون آهن، جنھن ۾ شاگردن جا مطالبا مڃيا ويا آهن.
پڌرائي ۾ چيو ويو ته ھاسٽل پرووسٽ راجا لاکير کي چارج تان ھٽائي انڪوائري ڪميٽي ويهاري وئي آھي، گڏوگڏ سيڪيورٽي انچارج سلطان ڀٽو، گرلس ھاسٽل ڊپٽي پرووسٽ ۽ وارڊن تي پڻ انڪوائري ڪميٽي ويھاري وئي آهي.
آل اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي جي پڌرائي موجب گرلس ھاسٽل اندر سيڪيورٽي جا مڪمل انتظام ڪندي ڀتين کي وڏو ڪري ڪنڊيدار تار لڳائڻ سان گڏ سي سي ٽي وي جو انگ پڻ وڌايو ويندو.
پڌرائي ۾ چيو ويو ته ھاسٽلن اندر شاگردن توڙي شاگردياڻين کي پيش ايندڙ مسئلن کي نظر ۾ رکندي ھڪ ڪاميٽي جوڙي شاگردن توڙي شاگردياڻين کي شامل ڪيو ويندو ۽ اداري اندر اينٽي حراسمينٽ سيل پڻ قائم ڪيو ويندو، جڏهن ته شاگردن مٿان نڪتل شوڪاز ۽ ايف آءِ آر پڻ واپس ورتا ويندا.- Advertisement -
