- Advertisement -
سنڌ سرڪار بجلي سستي ڪرڻ بابت گورنر جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو، سعيد غني جو چوڻ آهي ته بجلي سستي يا مهانگائي ڪرڻ صوبائي حڪومت جو اختيار ناهي، سولر ذريعي سستي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي، مهانگي بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا ختم ڪرڻ گهرجن، پنجاب حڪومت ٻن مهينن لاءِ شهرين کي بلن ۾ سهولت فراهم ڪئي آهي.
ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ برسات کانپوءِ جي صورتحال کان ميڊيا کي آگاھي ڏين پيا دادو ضلعي۾ اڄ به برسات جاري آهي، دادو ڪئنال کي لڳل گهارو ٻن ڪلاڪن ۾ بند ٿيڻ جو امڪان آهي، جوهي ۾ به هن وقت پاڻي آهي.
سندس چوڻ هو ته موسميات کاتي ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جا برسات بابت انگ اکر مختلف آهن، سنڌ حڪومت جو هڪ طريقو آهي جيڪو هر تعلقي ۾ موجود آهي، پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، سمورا ادارا الرٽ آهن، پني عاقل ۾ ڪم جاري آهي، سکر مان پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي.
صوبائي وزير سعيد غني چيو ته دادو ۾ 95 ملي ميٽر برسات ٿي آهي، لاڙڪاڻي ۾ برسات بعد هيٺاهين وارن علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جو ڪم جاري آهي، سياسي مخالف رڳو ڳالهيون ڪندا آهن، سيپڪو ۽ حيسڪو نمائندن سان ملاقات ڪئي، برساتن دوران لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته بجلي سستي يا مهانگائي ڪرڻ صوبائي حڪومت جو اختيار ناهي، وفاقي حڪومت جو ڪم آهي، پنجاب حڪومت ٻن مهينن لاءِ شهرين کي بلن ۾ سهولت فراهم ڪئي آهي، سوال اهو آهي ته ٻن مهينن کانپوءِ ڇا ٿيندو؟.
صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سولر ذريعي سستي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي، مهانگي بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا ختم ڪرڻ گهرجن، ماضي ۾ حڪومتن پنهنجي غلطين جو الزام سندن مٿان لڳايو، ٻن مهينن جو رليف سياسي ڍونگ آهي.- Advertisement -
