سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ  سان ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات

0
387

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ  سان ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات ٿي آهي، ملاقات ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي تي جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ويو.

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات ٿي آهي.

ملاقات ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي تي جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ويو ۽ اڳتي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ٽرانسپورٽ جي سيڪريٽري اسد ضامن ۽ سي اي او ٽرانس ڪراچي فواد غفار سومرو به اجلاس ۾ شريڪ هو.

اجلاس ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي جي لاٽ ون ۽ لاٽ ٽو تحت جاري تعميراتي سرگرمين تي بريفنگ ڏني وئي.

ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي وفد طرفان ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبو ڪراچي شهر جي سفري ضرورت جي لاءِ نهايت اهم قرار ڏنو ويو.

ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي وفد جو چوڻ هو ته منصوبو معياري ۽ وقت تي مڪمل ٿيڻ جي لاءِ مالي ۽ ٽيڪنيڪي بنيادن تي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو ويندو.

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ريڊ لائن بي آر ٽي سنڌ حڪومت جو ترجيحي منصوبو آهي جنهن مان لکين شهري روزاني فائدو حاصل ڪندا.

سندس چوڻ هو ته منصوبي تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا ويجهي رابطي ۾ رهن ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏين.

شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته منصوبو مڪمل ٿيڻ سان شهرين کي محفوظ، تيز ۽ سَسِتي سفري سهولت حاصل ٿيندي ۽ شهر جي ٽريفڪ جي نظام ۾ نمايان بهتري ايندي.

اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ريڊ لائن بي آر ٽي جي وقت تي مڪمل ٿيڻ لاءِ سمورا اسٽيڪ هولڊر گڏجي حڪمت عملي جوڙيندا………

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here