- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ هڪ نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.
ڊکڻ ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.
قومي شاهراهه تي ٿرڙي اسٽاپ وٽ تيز رفتاري سبب وين ڪلٽي ٿي وئي.
حادثي جي نتيجي ۾ ڊرائيور نظير نصيراڻي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته حسنا خاتون اوڍو ۽ 25 ورهين جي ثمينا اوڍو سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.
حادثي بعد فوتي ڊرائيور جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين لاڙڪاڻي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي حسنا خاتون اوڍو ۽ 25 ورهين جي ثمينا اوڍو زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
حسنا خاتون ۽ ثمينا اوڍو جي فوت ٿيڻ بعد فوتين جو انگ وڌي 3 ٿي ويو.
زخمين مان ڪيترن ئي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي ته تيز رفتاري سبب حادثو پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
ميروخان ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ نينگري فوت ٿي وئي آهي.
ڳوٺ پنگريو بروهي وٽ ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب روڊ پار ڪندڙ ستن ورهين جي نظيران بروهي فوت ٿي وئي.
حادثي بعد نينگريءَ جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ڪار سوار محمد شعبان دستي ٻڌايو ته نينگري روڊ پار ڪري رهي هئي ته اوچتو گاڏي جي اڳيان اچي وئي جنهن سبب حادثو پيش آيو.- Advertisement -
