مراد علي شاهه ۽ شرجيل انعام ميمڻ پاران نصر الله گڏاڻي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار صحافي نصر الله گڏاڻي جي جان بچائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي، پر الله پاڪ کي اهو ئي منظور هو. هن چيو ته سنڌ حڪومت صحافي نصر الله گڏاڻي کي ايئر ايمبولينس ذريعي رحيم يار خان کان ڪراچي منتقل ڪيو پر هو بچي نه سگهيو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هو صحافي نصر الله گڏاڻي جي لاڏاڻي تي سندس خاندان ۽ اداري سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار صحافي نصر الله گڏاڻي جي وارثن ۽ صحافي برادري سان گڏ آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت صحافي نصر الله گڏاڻي جي وارثن جي هر ممڪن مدد ڪندي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته الله تعاليٰ مرحوم صحافي نصر الله گڏاڻي جي مغفرت ۽ وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي، آمين.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
15%
3.1m/s
0%
جمعو
29 °
ڇنڇر
29 °
آچر
29 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون