- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو جڏهن ته ڪوٽڙي ۾ تيز برسات سبب گهر جي ڇت ڪِـرڻ جي نتيجي ۾ نينگر فوت ۽ عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ ملير، بن قاسم، شاهراهه فيصل سميت مختلف هنڌن تي هلڪي برسات پئي، جنهن کانپوءِ موسم خوشگوار بڻجي وئي.
ڪوٽڙي ۾ تيز برسات سبب گهر جي ڇت ڪـِري پئي ملبي هيٺان دٻجي 12 ورهين جو نينگر فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس امڙس سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
سائيٽ جي ٻٻر چوڪ وٽ صادق جٽ جي گهر جي ڇت ڪري پئي.
ڇت ڪرڻ سبب 12ورهين جو امان الله پٽ فيض محمد جٽ فوت ٿي ويو، سندس امڙ امڙ صدف ۽ ڏاڏو صادق زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ڪوٽڙي اسپتال ۾ ايمبولينس نه ھئڻ سبب وارث نينگر جو مڙهه رڪشا ۾کڻائي ويا.
حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ وسڪارو ٿيو جنهن کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو جڏهن ته حيسڪو جا ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿي ويا.
ٽنڊوڄام ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات پئي جنهن ڪري هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.
ٽنڊو محمد خان ضلعي جي مختلف شهرن ۾ وسڪاري کانپوءِ گرميءَ جو زور ٽٽي ويو.
ٽنڊو آدم، شيخ ڀرڪيو، نئون ڪوٽ، بوزدار وڏا سميت ٻين علائقن ۾ مٽي جي طوفان 7 وسڪاري کانپوءِ گرمي گھٽجي وئي….- Advertisement -
