- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ سرگرم رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سموري ضروري ڪارروائي مڪمل ٿيڻ گهرجي، سمورين اسپتالن ۾ عملي جي حاضري يقيني بڻائي وڃي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه موسميات کاتي ۽ پي ڊي ايم اي کي طوفان الرٽ بابت هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته اڳڪٿي موجب صوبي جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ طوفاني برساتن جو امڪان آهي.
وڏي وزير سمورن کاتن خاص طور انتظاميا ۽ مڪاني ادارن کي وڌيڪ سرگرم رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن، سمورين اسپتالن ۾ عملي جي حاضري يقيني بڻائي وڃي.
سندس چوڻ ه ته سمنڊ جي صورتحال غير معمولي هئڻ سبب مهاڻن لاءِ فشريز کاتي کي هدايتون جاري ڪيون وڃن.
وڏي وزير مراد علي شاهه، آبپاشي کاتي کي هدايت ڪندي چيو ته درياهه، واهن ۽ ٻين پاڻي جي گذر گاهن جي بندن جي نگراني کي يقيني بڻايو وڃي.- Advertisement -
