گم ٿيل ماڻهن جي نالي تي بلوچ لبريشن آرمي جي ڊرامي جو ڊراپ سين

- Advertisement -
گم ٿيل ماڻهن جي نالي تي بلوچ لبريشن آرمي جي ڊرامي جو ڊراپ سين ٿي ويو، دهشتگرد تنظيم بي ايل اي جي ملڪي ادارن کي بدنام ڪرڻ جي هڪ ٻي سازش وائکي ٿي وئي آهي. هلندڙ سال اپريل ۾ جنهن شخص جي نالي سان مسنگ پرسن جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي اڄ ان شخص جي سڃاڻپ ٿي وئي. دهشتگرد تنظيم بي ايل اي طيب بلوچ عرف الياس لالا پٽ مولا بخش کي گم ٿيل شخص قرار ڏئي ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي. بيلا ۾ ايف سي ڪيمپ تي آپگهاتي حملي ۾ طيب بلوچ جي سڃاڻپ ٿي وئي، طيب بلوچ عرف الياس لالا نوشڪي جو رهواسي هو. بلوچ لبريشن آرمي جو اهو عمل رهيو آهي ته هو پنهنجي اهم دهشتگردن کي گم ٿيل ماڻهن جي لسٽ ۾ شامل ڪري پنهنجا ناپاڪ مقصد حاصل ڪندي آهي، ان کان اڳ به بي ايل اي گم ٿيل ماڻهن جي نالي تي پنهنجي سياست چمڪائي چڪي آهي. دهشتگرد ڪريم جان پٽ فضل بلوچ تربت جو رهواسي هو، جيڪو 25 مئي 2022ع تي گم ٿي ويو هو، اهو ئي دهشتگرد ڪريم جان گوادر حملي ۾ دهشتگردي ڪندي مارجي ويو هو. ان کان اڳ به دهشتگرد امتياز احمد پٽ رضا محمد به گم ٿيل ماڻهن جي لسٽ ۾ شامل هو، جيڪو سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ مارجي ويو هو، عبدالودود ساتڪزئي جنهن جي ڀيڻ 12 آگسٽ 2021ع کان ڀاءُ جي گم تي افسوس ڪري رهي هئي، اهو به مچ حملي ۾ ماريو ويو. گم ٿيل ماڻهن جي نالي تي سياست ڪندڙ عنصر پرڏيهي طاقتن جي هدايت تي ملڪ ۾ بدامني ۽ ڏڦيڙي پکيڙي رهيا آهن، بلوچستان جون دهشتگرد تنظيمون بلوچ عوام ۽ نوجوانن جو مستقبل داءَ تي لڳائي رهيون آهن. ملڪ دشمن عنصرن جي چهرن تان هاڻي پردو هٽي چڪو آهي، دهشتگردن کي هاڻي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، هاڻي ڀاڙي جي قاتلن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، هاڻي اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي مسنگ پرسن جو ڊرامو رچائي هي ڀاڙي جا قاتل دهشتگردي ڪن ٿا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
26%
3.5m/s
0%
ڇنڇر
27 °
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون