هشتگرد تنظيم ٽي ٽي پي سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، دهشتگرديءَ جا ثبوت افغان عبوري حڪومت کي فراهم ڪيا ويندا آهن، ممتاز زهرا بلوچ

- Advertisement -
پاڪستان پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي سان ڳالهين جو امڪان رد ڪري ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته دهشتگرد تنظيم ٽي ٽي پي سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، دهشتگرديءَ جا ثبوت افغان عبوري حڪومت کي فراهم ڪيا ويندا آهن،  افغانستان جي عبوري حڪومت کي قبول ڪرڻ بابت پاڪستان جو موقف واضح آهي، خطي جي اسٽريٽجڪ ڀائيوارن سان مشوري سان ئي ڪو فيصلو ٿيندو. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان، افغان سرزمين جي پاڪستان خلاف استعمال جو معاملو اٿاريو آهي، افغانستان ۾ دهشتگرد ٽولن فتنه الخوارج جي موجودگي گڏيل قومن سميت عالمي ادارن کان ثابت آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان، افغانستان کي دهشتگردي بابت انٽيليجنس معلومات به فراهم ڪئي آهي جڏهن ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڪيترن ئي رابطن جا چئلينجز موجود آهن، چئلينجن تي دهشتگردي بابت ثبوت افغانستان سان شيئر ڪيا ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان جو ٽي ٽي پي سان ڳالهين جو ڪوبه پروگرام ناهي، افغان حڪومت ٽي ٽي پي سميت پاڪستاني عوام جي رتوڇاڻ ۾ ملوث سمورن ٽولن ۽ ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري. هن چيو ته پاڪستاني حڪومت پنهنجي شهرين جي تحفظ بابت پرعزم آهي، آصف مرچنٽ بابت آمريڪي انتظاميا کان معلومات جو انتظار آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري اڄ ڪيمرون ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي جتي هو اسرائيل جي ايڊونچر ازم، اسلامو فوبيا ۽ ٻين اشوز بابت پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان اسرائيلي فورسز جي هاڻوڪي ظلمن جي سخت مذمت ڪري ٿو، شهري آبادي تي اسرائيلي بمباري ۽ ڊرون حملا عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهن، فلسطين ۾ فوري طور جنگبندي ٿيڻ گهرجي، پاڪستان جو فلسطين بابت واضح موقف آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.1 ° C
25.1 °
25.1 °
39%
1.8m/s
0%
آچر
25 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون