تازه ترين

سنڌ جي پاڻي تي ڪنهن کي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندا، سنڌو درياهه تي ڪوبه ڪينال منظور نه ٿيندو:آغا سراج دراني

- Advertisement -
سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته سنڌ جي پاڻي تي ڪنهن کي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندا، سنڌو درياهه تي ڪوبه ڪينال منظور نه ٿيندو، پيپلزپارٽي جو هميشه پاڻي معاملي تي موقف واضح آهي، سنڌ جي زمين کي بنجر بڻجڻ نه ڏنو ويندو، سنڌ جا قومپرست به ان لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، قومپرست پارٽيون اينديون ته گڏجي جدوجهد ڪندا. احتساب عدالت ڪراچي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته ڇهن ورهين کان ريفرنس داخل آهي پر نيب طرفان ڪوبه ثبوت پيش ناهي ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڻي معاملي تي واضح موقف رکي ٿو، سنڌ جي پاڻي تي ڪنهن کي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندا. سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته سنڌو درياهه تي ڪوبه ڪينال منظور نه ٿيندو، پيپلزپارٽي جو هميشه پاڻي معاملي تي موقف واضح آهي، سنڌ جي زمين کي بنجر بڻجڻ نه ڏنو ويندو، سنڌ جا قومپرست به ان لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، قومپرست پارٽيون اينديون ته گڏجي جدوجهد ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
61 %
3.2kmh
18 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
27 °
آچر
27 °
سُومر
31 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون