تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل شهري جي ڪيس ۾ گهرو سيڪريٽري لاڳاپيل ڊي آءِ جي جاچ کي به طلب ڪري ورتو

- Advertisement -
فائل سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل شهري جي ڪيس ۾ گهرو سيڪريٽري لاڳاپيل ڊي آءِ جي جاچ کي به طلب ڪري ورتو، جڏهن ته وفاقي گهرو سيڪريٽري کي به رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل شهري سمير آفريدي جي گمشدگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران گم ٿيل شهري جي پوڙهي ماءُ  عدالت ۾ روئيندي رهي ۽ چيو ته  جيڪڏهن انصاف نه ٿا ڪري سگهو ۽ سچ سامهون  نه ٿا آڻي سگهو ته پوءِ عدالتون بند ڪريو. هن چيو ته هوءَ پنهنجي پٽ جي بازيابي لاءِ عدالتن جا چڪر لڳائي رهي آهي سندس هڪ ڄنگهه به ڪٽجي وئي آهي، سندس چوڻ هو ته پٽ  جي گم ٿيڻ جي ڪري زنده هوندي به پٽ جا ٻار يتيم ٿي ويا آهن. سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سمير آفريدي کي جبري گم ڪيو ويو آهي جي آءِ ٽي ۽ ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ طئي ٿي ويو آهي. جسٽسس نعمت الله ڦلپوٽي رمارڪس ڏيندي چيو ته سندن همدرديون متاثرن سان گڏ آهن، عدالت نوجوان  جي بازيابي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي، جاچ آفيسر ڪٿي آهي. پبلڪ پراسيڪيوٽر چيو ته جاچ ڪندڙ ايس پي ميٽنگ  ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد  ويو آهي. گهرو کاتي جي فوڪل پرسن خاندانن جي مالي مدد لاءِ وڏي وزير کي سمري موڪلي ڇڏي آهي. جسٽس خادم حسين تنيو چيو ته اهڙين ڳالهين جو ذڪر نه ڪريو  جن جو وجود ئي ناهي. هن چيو ته هڪ جاچ آفيسر  کي بچائڻ لاءِ ڪيترا ماڻهو هتي بيٺل آهن. سندس چوڻ هو ته حڪومت کان پگهارون وٺي سڀ رڳو جاچ آفيسر کي بچائڻ ۾ مصروف آهيو. سنڌ هائيڪورٽ سميري آفريدي جي ڪيس ۾ گهرو سيڪريٽري ۽ ڊي آءِ جي جاچ کي به طلب ڪري ورتو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
20.6 ° C
20.6 °
20.6 °
52 %
4.5kmh
100 %
سُومر
24 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون