سنڌ جي گهرو کاتي 15 کان وڌيڪ خطرناڪ ڌاڙيلن جي سر جي قيمت مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي

- Advertisement -
سنڌ جي گهرو کاتي 15 کان وڌيڪ خطرناڪ ڌاڙيلن جي سر جي قيمت مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. سي ٽي ڊي جي درخواست تي  گهرو کاتي تيرهن ڌاڙيلن کي زنده يا مئل حالت ۾ گرفتاريءَ تي انعام جي سفارش ڪئي. ڌاڙيلن تي مجموعي طور 2 ڪروڙ 11 لک رپيا انعام جي سفارش ڪئي وئي آهي. بدنام ڌاڙيل ڪبير جتوئي تي پندرهن لک رپيا، ابراهيم مارفاڻي تي 10 لک رپيا انعام جي سفارش ڪئي وئي. ڌاڙيل مرچو جتوئي تي 20 لک رپيا، مريد جتوئي تي 10، دادو شيخ تي 30، منور بروهي تي  5 لک رپيا، ڀورو بروهي تي 3 لک، شڪور بروهي تي 20 لک رپيا، چاڪر بروهي تي 10 لک، خير محمد تيغاڻي تي 70 لک رپيا انعام رکيو ويو آهي. ڌاڙيل لطيف رند تي 10 لک، سلطان رند تي 5 لک ۽ ڌاڙيل عطا محمد تي 3 لک انعام رکيو ويو  آهي. سي ٽي ڊي جي خط تي گهرو وزارت وڏي وزير  ڏانهن سمري اماڻي ڇڏي، وڏي وزير جي منظوري بعد ڌاڙيلن جي زنده يا مئل حالت ۾ گرفتاريءَ  انعام جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.5 ° C
20.5 °
20.5 °
61%
2.3m/s
0%
اربع
31 °
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون