عظيم هستي جي ولادت سموري دنيا کي تبديل ڪري ڇڏيو، معاشري ۾ نفرت ۽ اختلاف پيدا ٿي چڪا آهن:وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته عظيم هستي جي ولادت سموري دنيا کي تبديل ڪري ڇڏيو، معاشري ۾ نفرت ۽ اختلاف پيدا ٿي چڪا آهن، اختلاف دشمن جي ايجنڊا آهي جنهن کي متحد ٿي ناڪام بڻائڻو پوندو،  فلسطين ۽ والاريل ڪشمير ۾ مسلمان آزاديءَ جي جنگ وڙهي رهيا آهن، عالمن کي معاشري مان اختلافن جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. لاهور ۾ عيد ميلاد النبي جي محفل کي خطاب ڪندي شهبازشريف چيو ته نبي صلعم جي ذات ڪائنات ۾ جهالت جي اونداهيءَ کي ختم ڪيو. هن چيو ته ٻنهي جهانن جي سردار سٺا اخلاقي معيار قائم ڪيا، پاڻ دشمنن سان به بهتر پيش ايندا هئا، اڄ معاشرو ورهايل آهي، نفرت پيدا ٿي رهي آهي، نبي صلعم جي تعليم جهالت ۽ رتوڇاڻ ڪندڙن کي بهتر ۽ پرامن معاشري ۾ تبديل ڪيو. وزيراعظم چيو ته فلسطين ۽ والاريل ڪشمير ۾ مسلمان آذايدءَ جي جنگ وڙهي رهيا آهن، اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن  فلسطين ۽ والاريل ڪشمير جا  مسلمان آزاد هوندا. شهبازشريف چيو ته پاڪستان ۾ ڪروڙين مسلمان رهن ٿا ۽ هتي ٻين مذهبن جا ماڻهو به مڪمل مذهبي آزاديءَ سان زندگي گهاري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته معاشتري استحصال جهڙن روين جي خاتمي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
50%
2m/s
0%
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
26 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون