- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ترقياتي اسٽريٽجي 2025-26ع تحت گڏيل طور هڪ هزار 18 ارب رپيا منظور ڪيا ويا آهن.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته سخت موسمي حالتن خلاف مضبوط انفرااسٽرڪچر جي تعمير ترجيحن ۾ شامل آهي.
سندس چوڻ هو ته ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي، تعليم ۽ صحت، بهتر رابطه ڪاري ۽ غربت ۾ گهٽتائي به ترجيحن ۾ شامل آهن.
سينيئر صوبائي وزير جو چوڻ هو ته ٻوڏ متاثر 16 سئو تباهه ٿيل اسڪولي عمارتن جي نئين سر تعمير لاءِ 340 ارب رپيا رکيا ويا آهن.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته 9 نوان ڪيڊٽ ڪاليج قائم ڪيا ويندا، سکر ۾ عورتن لاءِ يونيورسٽي جي منصوبي تي ڪم تيزيءَ سان مڪمل ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته سنڌ پيپلز ٻوڏ متاثرن لاءِ هائوسنگ اسڪيم ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ جاري آهي.
سينيئر صوبائي وزير جو چوڻ هو ته هن وقت تائين 2 ملين گهرن جي تعمير جي تصديق ٿي وئي آهي.
هن چيو ته تقريبن هڪ ڏهائي 4 ملين ماڻهن کي ادائگيون ڪيون ويون آهن، 10لک روزگار جا موقعا پيدا ٿيا، 3 لک عورتن کي زمين جا مالڪاڻا حق ڏنا ويا آهن.
سندس چوڻ هو ته هنن جي منصوبي ۾ نياڻين جي تعليم کي خاص اهميت ڏني وئي آهي ته جيئن هر نياڻي کي معياري تعليم ملي.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته 146 ڏهائي 9 ارب رپيا ايس آءِ يو ٽي، ايس آءِ سي وي ڊي، انڊس اسپتال ۽ سنڌ جي وڏين اسپتالن کي گرانٽس اِن ايڊ طور فراهم ڪيا ويا آهن ته جيئن شهرين کي مفت ۽ معياري طبي سهولتون ملنديون رهن.
سينيئر صوبائي وزير جو چوڻ هو ته توانائي جي شعبي ۾ سنڌ سولر انرجي منصوبي لاءِ 69 ڏهائي 97 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن.
سندس چوڻ هو ته فارن پروجيڪٽ اسسٽنس تحت هڪ هزار 557 ڏهائي 65 ارب رپين جي سيڙپڪاري کي بهتر انداز ۾ استعمال ڪيو ويندو.
هن چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تهت گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل ۽ ڌاٻيجي انڊسٽريل زون تي ڪم جاري آهي.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل ۽ ڌاٻيجي انڊسٽريل زون منصوبا صنعتي ترقي ۽ شهري فلاح ۽ بهبود ۾ مددگار ثابت ٿيندا…..
- Advertisement -
