- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ڪربلا ۾ حضرت امام حسين ۽ حضرت عباس بن علي جي روضي تي حاضري ڀري آهي.
گورنر ڪربلا ڊاڪٽر نصيف جاسم الخطابي به صدر مملڪت سان گڏ هو.
آصف علي زرداري ٻنهي هنڌن تي فاتحه خواني ڪئي ۽ نفل ادا ڪيا.
صدر مملڪت حضرت حسين جي قرباني کي حق، عدل ۽ استقامت جي ابدي علامت قرار ڏنو.
آصف علي زرداري مسلمان امت جي امن، اتحاد ۽ سلامتي لاءِ دعا پڻ ڪئي.
صدر مملڪت حضرت امام حسين بابت ڳالهائيندي سندس تعليم کي حق، عدل ۽ انسانيت لاءِ رهنما قرار ڏنو.
آصف علي زرداري ٻنهي مزارن جي منتظمين سان ملاقات به ڪئي.- Advertisement -
