- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي گارڊن ۾ رينجرز ۽ ايس آءِ يو پوليس ڳجهي اطلاع تي گڏيل ڪارروائي ڪندي ڀتا خوري ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل ٻنهي جوابدارن جو تعلق جميل ڇانگا ٽولي سان آهي، سندن سڃاڻپ حماد عرف چيل ۽ عبدالله جي نالن سان ٿي آهي.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جي قبضي مان ڀتي جون پرچيون، موبائل فون ۽ هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو آهي.
ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدارن انڪشاف ڪيو آهي ته اهي ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڀتا مافيا جي اڳواڻ جميل ڇانگا سان رابطي ۾ آهن ۽ سندس چوڻ تي مختلف فيڪٽري مالڪن، دڪاندارن، بلڊرن ۽ هوٽل مالڪن کي ڀتي جون پرچيون ڏيڻ، فائرنگ ڪرڻ ۽ خوف حراس پکيڙڻ ۾ ملوث آهن.
ترجمان موجب جوابدارن وڌيڪ انڪشاف ڪيو آهي ته هنن جهانگير روڊ تي تعمير ٿيندڙ عمارت، الحيات هوٽل سوجر بازار جمشيد ٽائون ۽ 13 ڊسمبر تي برج اسٽار نشتر روڊ گارڊن ۾ ڀتو نه ڏيڻ سبب فائرنگ ڪئي جنهن ۾ 2 ڄڻا ساجد ۽ ممتاز زخمي به ٿيا هئا.
رينجرز ترجمان جو چوڻ هو ته جوابدارن کي فائرنگ ڪندي سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو، جوابدار عادي ڏوهاري آهن ۽ انهن خلاف ڪراچي جي مختلف ٿاڻن ۾ ڀتي خوري، دهشتگردي ۽ قتل جي ارادي جا ڪيس داخل آهن.
رينجرز ترجمان موجب گرفتار جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
- Advertisement -
