تازه ترين

سنڌ حڪومت سمورن لاڳاپيل ادارن جي مدد سان پوليو تي ڪنٽرول ڪيو آهي: سيد مراد علي شاهه

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت سمورن لاڳاپيل ادارن جي مدد سان پوليو تي ڪنٽرول ڪيو آهي، کين پوليو جي خاتمي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻا پوندا.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پوليو جي خاتمي بابت صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾  صحت واري وزير عذرا پيچوهو، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ميئر مرتضيٰ وهاب، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ سميت ٻين شرڪت ڪئي.

وڊيو لنڪ ذريعي حيدرآباد، سکر، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپورخاص جي ڊويزنل ڪمشنرن ۽ ڊي آءِ جيز به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ملڪ ۾ 2020 ۾ 84 پوليو ڪيس رڪارڊ ٿيا ۽ 2024 ۾گهٽ ٿي 2 ڪيس سامهون آيا آهن.

وڏي وزير چيو ته 2020 ۾ سنڌ اندر 22 پوليو جا ڪيس رڪارڊ ٿيا هئا، سڀني گڏجي ڪنهن حد تائين پوليو جو خاتمو ڪيو آهي.

هن چيو ته 2023 ۾ سنڌ اندر پوليو جا ٻه ڪيس ۽ 2024 ۾ الله جي ڪرم سان پوليو جو هڪ به ڪيس ظاهر نه ٿيو، سنڌ حڪومت سمورن لاڳاپيل ادارن جي مدد سان پوليو تي ڪنٽرول ڪيو آهي، کين پوليو جي خاتمي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻا پوندا.

اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه کي ٻڌايو ويو ته   هن وقت بلوچستان ۾ ٻه ڪيس رڪارڊ ٿيا آهن، هڪ ڪيس ڊيرا بگٽي ۽ ٻيو ڪيس چمن ضلعي مان سامهون آيو آهي.

وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته پاڪستان جي 159 ضلعن مان 31 ضلعن ۾ پوليو وائرس موجود آهي، سنڌ جي 11 ضلعن ۾ پوليو وائرس ظاهر ٿيو آهي.

بريفنگ ۾ چيو ويو ته پوليو وائرس وارن ضلعن ۾ ڪراچي جو ضلعو اوڀر، سينٽرل، ڏکڻ، ڪياماڙي، ملير، ڪورنگي، حيدرآباد، سکر، ڄامشوري ۽ بدين شامل آهن.

وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته  گذريل 15 مهينن ۾ 9 لک کان مٿي ٻارن کي ايئرپورٽ، بس اسٽاپ، بي آءِ ايس پي سينٽرن تي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا آهن.

ان تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته کين پنهنجي مستقبل جي معمارن کي پوليو جهڙي بيماري کان بچائڻو آهي.

وڏي وزير چيو ته پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار جي ڪا گنجائش ناهي، ڦرڻ کان انڪار ڪندڙ والدين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جن ضلعن جي ماحولياتي سيمپلز ۾ پوليو وائرس ظاهر ٿيو آهي، اتي خاص ڌيان ڏنو وڃي.

وڏي وزير ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته پنهنجن علائقن ۾ صاف پاڻي جي اسڪيمن، پاڻي نيڪالي  ۽ صفائي سٿرائي تي ڌيان ڏنو وڃي…

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
14 %
3.7kmh
0 %
سُومر
28 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون