تازه ترين

هر چيف جسٽس ججن کي پنهنجي حساب سان هلائيندو آهي: منصور علي خان

سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منصور علي خان چيو آهي ته هر چيف جسٽس ججن کي پنهنجي حساب سان هلائيندو آهي، فردن مان نڪري نظام طرف اچڻو پوندو.

لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته هو عدليه جي تاريخ مان گهڻو خوش ناهي، دنيا ۾ پاڪستاني عدليه بابت ڊيٽا ڳڻتي جوڳي آهي، ڪجهه اهڙو ٿي ويندو آهي جنهن سان عدليه تي تنقيد ڪئي ويندي آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ 24 لک ڪيس رولڙي جو شڪار آهن،  التوا هيٺ ڪيس اڪلائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي کان مدد حاصل ڪرڻ ضروري آهي.

سندس چوڻ هو ته پنهنجي نظام ۾ آءِ ٽي نه آندي ويندي ته 24 لک ڪيسن اڪلائڻ مشڪل هوندو،  سپريم ڪائونسل کي وڌيڪ بااختيار ادارو بڻائڻو پوندو ۽ عدليه لاءِ ڊيٽا ليسس روم قائم ڪرڻا پوندا.

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته  پاڪستان ۾ 4 هزار جج آهن جنهن مان 3 هزار ڪم ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته ملڪ ۾ ڳالهه ڳالهه تي هڙتال ڪئي ويندي آهي، ڪرڪيٽ جي ميچ ۾ شڪست ملي ته هڙتال ٿي ويندي آهي، ماڻهو پنهنجا ڍور کپائي عدالت ايندا آهن، هڙتال ۾ ڪنهن ماڻهو کي عدالت اچڻ لاءِ ڪهڙي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي تنهن جو اندازو ڪيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڪمرشل ڪوريڊور قائم ٿيندو ته  معاشي مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
28 %
1.5kmh
0 %
سُومر
28 °
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون