تازه ترين

 سنڌ حڪومت پاران  منشيات وڪرو ڪندڙن  خلاف ڪريڪ ڊائون جاري

سنڌ حڪومت پاران  منشيات وڪرو ڪندڙن  خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي.

ڪراچي ۾ ايڪسائز پوليس ڪامياب آپريشن ڪندي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن وٽان 2 ڪلو 40 گرام آئس هٿ ڪري ورتي.

ايڪسائز ٽيم ڪورنگي 16 ۾ ڪارروائي ڪري  جوابدار شوڪت ۽ نويد کي گرفتار ڪيو.

گرفتار جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس پڻ داخل ڪيو  ويو آهي.

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪامياب آپريشن تي ايڪسائيز ٽيم کي شاباش ڏني آهي.

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته نئين نسل کي منشيات وڪرو ڪندڙن جي رحم ۽ ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي.

هن چيو ته نوجوان نسل کي منشيات کان بچائڻو آهي.

سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جون منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تحت ڪارروايون جاري آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
14 %
3.7kmh
0 %
سُومر
28 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون