تازه ترين

سنڌ حڪومت پاران ٽيڪس چورن ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن جو گهيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
سنڌ سرڪار ٽيڪس چورن ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن جو گهيرو تنگ ڪرڻ سميت ٽيڪس چورن جا نالا اخبارن ۾ شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ايڪسائيز ٽيڪسيشن ۽ نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول جي سيڪريٽري سليم راجپوت، ڊي جي اورنگزيب پنهور، ڊائريڪٽرز ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شرجيل ميمڻ چيو ته ٽيڪس چور ملڪ جي خوشحالي جا دشمن آهن، کين ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو،  ٽيڪس چورن جا نالا اخبارن ۾ شايع ٿيندا، اڪائونٽ فريز ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ڪيون وينديون. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ سڄي صوبي ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف جاري ڪريڪ ڊائون جي ساراهه ڪئي، ڪريڪ ڊائون دوران بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن جي تعريف ۽ ڪريڪ ڊائون ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته منشيات وڪرو ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جي مستقبل جا دشمن آهن، ساڻن ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي، زيرو ٽالرنس پاليسي تحت سڄي سنڌ ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروايون جاري رکيون وڃن. هن چيو ته منشيات وڪرو ڪندڙن ۽ ٽيڪس چوري ڪندڙن خلاف ڪاررواين لاءِ پوليس جي قابل آفيسرن ۽ جوانن کي ڊيپوٽيشن تي ايڪسائيز کاتي ۾ آندو ويندو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته شروعاتي طور ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پوليس آفيسر ڊيپوٽيشن تي ايڪسائيز کاتي ۾ آندا ويندا، منشيات خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪرڻيون آهن، لاڳاپيل ادارا هر وقت سهڪار ڪن، منشيات وڪرو ڪندڙن جي پراسيڪيوشن ۽ انويسٽيگيشن مضبوط ڪئي وڃي. اجلاس ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن ۽ مخبرن کي انعام ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ گاڏين جي رجسٽريشن ۽ منتقلي بائيو ميٽرڪ تحت ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. ايڪسائيز کاتي سان لاپاڳيل سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
46 %
3.5kmh
100 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون