تازه ترين
پوري قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي: صدر آصف علي زرداري هڪ هزار مريضن جي جيري جي پيوندڪاريءَ کي ڪاميابيءَ سان سرانجام ڏيڻ ساراهه جوڳي ڳالهه آهي: سيد مراد عل... وزيراعظم شهبازشريف، ن ليگ جي صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي پاڪستان کي تباهه ۽ برباد ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي: نوازشريف پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ نيڪالي وارين اسڪيمن تي ڪم هلي رهيو آهي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جي هر قسم جي مدد ڪئي وڃي، پاڪستاني نوجوان ڪرغزستان ۾ پاڪستان جا سفير آهن : ب... صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ انٽرميڊيئٽ نتيجن ۾ ڦيرڦار بابت ڪيس ۾ جج نه هئڻ سبب 8 جوابدارن جي عبوري ضمانت... سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ وڪيلن کي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو  گهوٽڪي ويجهو ساوند-سندراڻي تڪرار تان هٿياربندن ڳوٺاڻي کي اغوا بعد قتل ڪري ڇڏيو ڪوٽڙي ۾ 12 ورهين جي نينگر سان مبينا بدفعلي جي ڪوشش ٿي آهي، پوليس الزام هيٺ آيل جوابدار کي گرفتار ڪري...

پوليس ڏوهن جي خاتمي ۽ عوام کي تحفظ لاءِ پرعزم ۽ هر وقت تيار آهي : آءِ جي سنڌ

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته پوليس ڏوهن جي خاتمي ۽ عوام کي تحفظ لاءِ پرعزم ۽ هر وقت تيار آهي، پوليس عوام کي يقين ڏياري ٿي ته ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سال 2024ع دوران ڏوهن ۽ ڏوهاري عنصرن خلاف پوليس جي ڪاررواين، جوابدارن جي گرفتارين، ڪيسن جي جاچ ۾ ٿيل اڳڀرائي ۽ انجام تائين پهچندڙ ڪيسن تي ٻڌل تفصيلي رپورٽ جو جائزو ورتو.

اي آءِ جي آپريشنز سنڌ پاران پيش ڪيل رپورٽ موجب، هلندڙ سال ڦر دوران قتل جا 46 ڪيس داخل ٿيا، جن مان 27 ڪيسن کي پوليس پنهنجي محنت ۽ پيشوراڻي صلاحيت سان حل ڪري ڏوهارين کي انجام تائين پهچايو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته واقعن ۾ مجموعي طور تي 48 شهري قتل ٿيا، 13 جوابدار مارجي ويا ۽ 33 جوابدار گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته قتل جي ٻين 12 مختلف ڪيسن مان پوليس پنهنجي ڪوششن سان 8 ڪيس حل ڪيا، پوليس رپورٽ پريس رليز سان ڳنڍي وئي آهي.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ساٿ ڏين ۽ سهڪار ڪندي هو پنهنجي گهرن ۽ ڪاروباري هنڌن تي ڪئميرائون لڳائن ڏوهاري ڪيسن ۾ شاهدي لاءِ سهڪار ڪندي پوليس جا هٿ مضبوط ڪن.

هن چيو ته جتي ضرورت هجي اتي  رضاڪاراڻي طور تي شاهدي ڏيڻ لاءِ پوليس سان سهڪار ڪن.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته پوليس ڏوهن کي روڪڻ، جاچ ۽ جوابدارن کي سزا ڏيارڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندي، پوليس ڏوهن کي روڪڻ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
21.4 ° C
21.4 °
21.4 °
32 %
2.8kmh
64 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
34 °
اربع
34 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون