- Advertisement -
سنڌ سرڪار نيشنل گيمز ۾ حصو وٺندڙ رانديگرن جي ڊوپ ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، محمد بخش مهر جو چوڻ آهي ته نيشنل گيمز کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، حصو وٺندڙ رانديگرن جي ڊوپ ٽيسٽ ڪرائي ويندي.
35 هين نيشنل گيمز، سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير سردار محمد بخش مهر، پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن سان اجلاس ڪيو.
اجلاس ۾ پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن جي صدر سيد عابد قادري ۽ سيڪريٽري جنرل محمد خالد محمود شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ سنڌ اولمپڪ ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري احمد علي راجپوت، آصف عظيم، اصغر بلوچ ۽ چيف انجنيئر اسلم مهر به موجود هئا.
پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن ڪراچي ۾ 35هين نيشنل گيمز ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
سنڌ اولمپڪ سيڪريٽري احمد علي راجپوت راندين جي انتظامن بابت شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني.
صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو ته نيشنل گيمز کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، راندين جي ٽارچ ريلي جي افتتاح لاءِ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي دعوت ڏني ويندي.
اجلاس ۾ نيشنل گيمز جي افتتاحي ۽ پڄاڻي واري تقريب لاءِ مختلف اسٽيڊيم جو دورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
صوبائي وزير محمد بخش مهر جو چوڻ آهي ته نيشنل گيمز ۾ حصو وٺندڙ رانديگرن جي ڊوپ ٽيسٽ ڪرائي ويندي، سوئمنگ جا سمورا ايونٽ ڪراچي ۾ ڪرايا ويندا، سمورو سامان فراهم ڪيو ويندو.
پاڪستان اولمپڪ جي صدر عابد قادري چيو ته هو صوبائي وزير محمد بخش مهر جي اسپورٽس ويزن کان تمام گهڻو متاثر آهن ۽ محمد بخش مهر کي لاهور ۾ اولمپڪ ميوزيم جي دوري جي دعوت ڏين ٿا، گيمز جي سڪيورٽي ۾ ادارن سان گڏ اسڪائوٽس جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن.
پاڪستان اولمپڪ جي سيڪريٽري محمد خالد محمود چيو ته نيشنل گيمز کان اڳ والنٽيئر جي ٽريننگ ڪرائي وڃي، ٽارچ ريلي لاءِ مشعل ۾ دونهون نه ٿيڻ گهرجي، دونهون ماحولياتي گدلاڻ جو سبب بڻجي ٿو.- Advertisement -
