- Advertisement -
سنڌ سرڪار ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي صوبي ۾ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواريءَ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
سنڌ ۾ ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
نوٽيفيڪشن موجب، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن ۾ 26 آگسٽ تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواريءَ تي پابندي هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته چاليهي جي موقعي تي ڊرون ڪئمرا اڏارڻ تي پڻ پابندي لڳائي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، سڄي صوبي جي سمورن ايس ايس پيز کي پابندي تي عمل يقيني بڻائڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
