- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ جناح اسپتال ۽ جناح سنڌ يونيورسٽي کي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ جناح اسپتال سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته وفاق 25 سالن لاءِ جناح اسپتال کي سنڌ حڪومت حوالي ڪري ڇڏيو.
درخواست ڏيندڙ جي وڪيل نعيم اقبال چيو ته هنن وفاق ۽ سنڌ سرڪار جي معاهدي کي چئلينج ڪيو آهي، 25 سالن لاءِ اسپتال ۽ يونيورسٽي ملڪيت سميت سنڌ حڪومت حوالي ڪئي وئي آهي، قانون موجب، وفاق صوبن کي ڪنهن اداري جو مخصوص فنڪشن ڏئي سگهي ٿو سمورو ادا نٿو ڏئي سگهي.
سنڌ سرڪاري جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، جڏهن ته جناح اسپتال انتظاميا اڃا تائين جواب جمع ناهي ڪرايو.
درخواست ڏيندڙ چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي ته هي ادارو وفاق جو آهي، ريگولر ملازمن جا حق متاثر ٿي رهيا آهن.
عدالت جناح اسپتال ۽ جناح سنڌ يونيورسٽي کي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
