تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل شهري سمير آفريدي جي بازيابي بابت درخواست تي جاچ آفيسر طرفان جمع ڪرايل رپورٽن تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي گهرو سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو

سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل شهري سمير آفريدي جي بازيابي بابت درخواست تي جاچ آفيسر طرفان جمع ڪرايل رپورٽن تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي گهرو سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو.

سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل شهري سمير آفريدي جي بازيابي بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت سنڌ جي گهرو سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل ڊي آءِ جي جاچ کي طلب ڪري ورتو.

عدالت وفاقي گهرو سيڪريٽري کان به رپورٽ طلب ڪري ورتي.

ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته جڏهن گم ڪيل جو پتو لڳي چڪو آهي، ٻڌايو وڃي ته اهو شخص ڪهڙي اداري وٺ آهي.

گم ڪيل شهري جي پيرسن امر جي عدالت ۾ دانهيندي چيو ته جيڪڏهن انصاف نه ٿا ڪري سگهو ۽ سچ نه ٿا ٻڌائي سگهو ته پوءِ عدالتون بند ڪريو، هوءَ پٽ جي بازيابي لاءِ عدالتن جا چڪر لڳائي رهيو آهي، سندس هڪ ڄنگهه ڪٽجي وئي آهي، پٽ جا ٻار جيئري يتيم ٿي ويا آهن.

سرڪاري وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته جي آءِ ٽي ۽ ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ سمير آفريدي جي جبري گمشدگي جو فيصلو ٿي چڪو آهي.

گم ٿيل شهڙي جي امڙ موقف اختيار ڪيو ته سڀ کان وڏي دهشتگرد حڪومت پاڻ آهي.

سرڪاري وڪيل چيو ته سمير آفريدي جي ڳولا لاءِ سڄي ملڪ جي آءِ جيز کي خط لکيا ويا آهن، حراستي مرڪزن کانسواءِ گهرو ۽ بچاءَ واري وزارت سان به رابطو ڪيو ويو آهي.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته عدالت جي درخواست ڏيندڙ سان همدردي آهي.

عدالت چيو ته اوهان جي پٽ جي بازيابي لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري آهن.

عدالت جاچ آفيسر طرفان جمع ڪرايل رپورٽن تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي گهرو کاتي جي سيڪريٽري کي فوري طور تي طلب ڪري ورتو.

گهرو کاتي جي فوڪل پرسن چيو ته خاندانن جي مالي مدد لاءِ وڏي وزير کي سمري موڪلي ڇڏي آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
29 ° C
29 °
29 °
14 %
2.4kmh
6 %
جمعو
32 °
ڇنڇر
32 °
آچر
30 °
سُومر
33 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون