تازه ترين

نيوسعيد آباد ويجهو ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي نوجوان قتل

نيو سعيد آباد ويجهو ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي قتل ٿيل نوجوان جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق ڌاريجي نوجوان جي قتل جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

ڳوٺ ڳاهوٺ سامهون لنڪ روڊ تي هٿياربندن شوڪت رند کي ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي گوليون هڻي قتل ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويا هئا.

اطلاع تي حد جي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال پهچايو جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو هو.

شوڪت رند جي ڳوٺ وزير رند ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي.

جنازي نماز ۾ نيو سعيد ٿاڻي جي پوليس، وارثن ۽ علائقي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

جنازي نماز بعد شوڪت رند جو مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق ڌاريجي نوجوان جي قتل جو نوٽيس ورتو.

ڊي آءِ جي حيدرآباد، ڊي ايس پي نيو سعيد آباد کان رپورٽ طلب ڪندي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.

ڊي ايس پي نيوسعيدآباد سيد واحد علي شاھه جو چوڻ آهي ته واقعي جا اصل ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي، کوجي ڪتن جي مدد سان ڦورن جي ڳولا جاري آهي، جلد قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو.

نوجوان جي وارثن موجب، ڪنهن سان دشمني ناهي، نوجوان کي بنا ڪنهن سبب جي قتل ڪيو ويو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
16 %
2.4kmh
3 %
جمعو
33 °
ڇنڇر
33 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون