تازه ترين

سنڌ ۾ رضاڪاراڻي طور رت ڏيڻ کي هٿي ڏني ويندي: وڏو وزير مراد علي شاهه

- Advertisement -
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ رضاڪاراڻي طور رت ڏيڻ کي هٿي ڏني ويندي، 24 ڪروڙ آبادي مان رڳو  10 سيڪڙو ماڻهو ئي رضاڪاراڻي طور رت جو عطيو ڏيندا آهن،  رت سولائي سان نه ملڻ سبب هر سال ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿي وينديون آهن، انسانيت جي اجتماعي مقصد لاءِ سڀني کي متحد ٿيڻ گهرجي. ڪراچي ۾ نيشنل وڊيو ڪامپٽيشن ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ملڪ جي 24 ڪروڙ آبادي مان رڳو 10 سيڪڙو ماڻهو رضاڪاراڻي طور رت جو عطيو ڏيندا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ رضاڪاراڻي طور رت جو عطيو ڏيڻ کي هٿي ڏني ويندي، رت سولائي سان نه ملڻ سبب هر سال ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي وينديون آهن. سندس چوڻ هو ته انڊس زندگي نه رڳو  هڪ مهم پر پاڪستاني عوام جي اجتماعي دعوت آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته انسانيت جي اجتماعي مقصد لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته بلڊ ڊونيشن نظام ۾ تبديلي لاءِ امداد رضاڪاراڻي رت جي امداد ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته هر ماڻهو وٽ حياتي بچائڻ جي صلاحيت آهي، رت جو عطيو ڏئي ضرورتمندن کي ڪنهن به وقت ۽ ڪٿي به محفوظ رت ڏئي سگهجي ٿو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سمورا ماڻهو نيڪ مقصد ۾ سندن ساٿ ڏين ۽ زندگي بچائڻ لاءِ رت جو عطيو ڏين. هن چيو ته سڀ گڏجي هڪ صحتمند ۽ مضبوط پاڪستان بڻائي سگهجي ٿو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
13 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
35.7 ° C
35.7 °
35.7 °
5 %
7.7kmh
0 %
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون