تازه ترين

سوڀوديرو ايٽ راڻيپور جي عدالت غلام مرتضيٰ جتوئي تي موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر واري ڪيس جي ٻڌڻي 28 مارچ تائين ملتوي

- Advertisement -
سوڀوديرو ايٽ راڻيپور جي عدالت غلام مرتضيٰ جتوئي تي موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر واري ڪيس جي ٻڌڻي 28 مارچ تائين ملتوي ڪندي کيس ٻيهر پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سوڀوديرو ايٽ راڻيپور جي عدالت نيشنل پيپلزپارٽي جي چيئرمين غلام مرتضيٰ جتوئي خلاف هڱورجا ٿاڻي تي داخل موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت غلام مرتضيٰ جتوئي کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 28 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته زرداريءَ خاندان جھڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، هو ٻڪري چوري، ٽي ھزار روڪ ۽ موٽرسائيڪل ڪئين ڦر ڪري سگھي ٿو. سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي ۾  شامل ٿيڻ لاءِ چاليهن ڪيسن جو پلان جوڙيو ويو ته هو پ پ ۾ شموليت اعلان ڪري پر کيس سنڌ ھاءِ ڪورٽ وڏو انصاف ڏنو. نيشنل پيپلزپارٽي جي چيئرمين غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته هو نه جھڪيا آھن نه  جھڪندا، سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف هر محاذ تي جدوجهد ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
6 %
5.9kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون