- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ تي سنڌ حڪومت ۽ عوام کي خدشا آهن، صوبي جي پاڻي جي حقن تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي، ڪئنال ڪڍڻ جو فيصلو پاڻي بحران کي وڌيڪ سنگين ڪري ڇڏيندو، پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ سان سنڌ ۾ ڏڪار جو خدشو آهي، فوري قدم اڻٽر آهي.
پاڻي جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڻي زندگي آهي، ان جي حفاظت سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، زمين جو مستقبل محفوظ بڻائڻ لاءِ پاڻي جي وسيلن جي حفاظت ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي، زراعت ۽ معيشيت کي سنگين خطرا آهن، پاڻي جي بحران سبب سنڌ جا آبادگار ۽ مهاڻا ڏکيائين جو شڪار آهن.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ گهٽتائي آهي، لکين ماڻهن جو روزگار داءُ تي لڳل آهي.
هن چيو ته ماحولياتي تبديلي ۽ پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ سنڌو درياهه جو وجود خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، سنڌوءَ جو خشڪ لهرون، زنگي ۽ زراعت لاءِ خطري جي گهنٽي آهن.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ جي پاڻي جي حقن تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي، سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ تي سنڌ حڪومت ۽ عوام کي خدشا آهن.
سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ جو فيصلو پاڻي بحران کي وڌيڪ سنگين ڪري ڇڏيندو، پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ سان سنڌ ۾ ڏڪار جو خدشو آهي، فوري قدم اڻٽر آهي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو سنڌو درياهه جا محافظ آهن ۽ پيپلزپارتي پاڻي معاملي تي هميشه فرنٽ تي رهي آهي، سنڌ جي زرخيز زمينن لاءِ پاڻي ناهي، نون ڪئنالن جي اڏاوت ڪيئن ڪئي پئي وڃي؟.
سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌو درياهه جو پاڻي ڪيترن ئي سالن کان انڊس ڊيلٽا تائين نه پهتو آهي، لکين ايڪڙ ايراضي سمنڊ حوالي ٿي وئي آهي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائي وڃي ته جيئن سڀني کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملي سگهي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ سرڪار پاڻي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ هاڪاري حڪمت عملي تيار ڪري رهي آهي، پاڻي کانسواءِ زندگي ممڪن نه آهي، اچو وچن ڪريون ته هو پاڻي جي هر ڦڙي جي حفاظت ڪندا.- Advertisement -
