تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽيڊنگ طرفان ڪميٽيءَ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ عورتن توڙي ٻارن جي اغوا جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار

- Advertisement -
سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ عورتن توڙي ٻارن جي اغوا جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي  واقعن کي روڪڻ لاءِ  قدم کڻڻ جي سفارش ڪئي آهي. سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽيءَجو  اجلاس چيئرپرنس ثمينه ممتاز زهري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪمينٽي ميمبرن سميت انساني حقن واري کاتي جي سيڪريٽري  سميت آءِ جي سنڌ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڪميٽيءَ کي گذريل سال ڪراچيءَ ۾ ٻارن جي قتل جي ڪيسن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ٻارن جي اغوا  ۽ قتل جا 37 ڪيس ٿيا، 2024ع ۾ ڪراچيءَ ۾ 40 ٻار قتل ٿيا، جن مان 22 ڪيسن جو چالان پيش ڪيو وي وآهي، ٻارهن ڪيسن ۾ جاچ ۽ 22 ڪيس  ٻڌڻي هيٺ آهن. انساني حقن واري سيڪريٽري ڪميٽيءَ کي ٻڌايو ته يورپي يونين پريا ڪماريءَ جي اغوا تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ هو ان ڪيس تي  سنڌ پوليس سان مسلسل رابطي ۾ آهن. ڪميٽيءَ جي چيئرپرسن چيو ته اهو پاڪستان لاءِ شرمندگيءَ جو سبب آهي، ڇا رڳو يورپي يونين کي مطمئن ڪرڻ لاءِ پريا ڪماريءَ جي ڪيس تي خرچ ڪيو پيو وڃي؟ هن چيو ته بلوچستان ۾ به ڪيترائي ڪيس سامهون اچي رهيا آهن. ثمينه ممتاز زهري سوال ڪيو ته 2024ع  دوران ڪنهن به جوابدار کي سزا ڇو نه ملي؟ آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته پني عاقل سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ڏوهن جي خاتمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ڪميٽي جي چيئرپرسن چيو ته پنجاب ۾ زيادتي جي ڪيسن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ڪهڙو سبب آهي جو ٻارن سان ڏوهن ۾ سزا جي شرح تمام گهٽ آهي؟ پوليس سميت سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪميٽيءَ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ عورتن توڙي ٻارن جي اغوا جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي  واقعن کي روڪڻ لاءِ  قدم کڻڻ جي سفارش ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
10 %
1.7kmh
51 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون