- Advertisement -
لبيا ٻيڙي حادثي ۾ 16 پاڪستاني شهري فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب لبيا ٻيڙي حادثي ۾ 16 پاڪستاني شهري فوت ٿي چڪا آهن.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب لبيا ٻيڙي حادثي کانپوءِ 37 پاڪستاني شهرين کي بچايو ويو آهي.
ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ فوت ٿيل ست ڄڻا ڪي پي جا رهواسي آهن.
هوڏانهن سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو آهي ته ليبيا ٻيڙي حادثي ۾ ٻڏي ويل 73 ڄڻن مان 63 پاڪستاني هئا جيڪي گهڻي قدر فوت ٿي چڪا آهن.
پرڏيهي آفيس جي اختيارين موجب حادثي ۾ ٻه پاڪستاني شهري زنده بچي ويا آهن جن ٻڌايو ته ٻيڙي ۾ 63 پاڪستان ۽ 10 بنگلاديشي شهري سوار هئا، ٻيڙي ۾ سوار گهڻي قدر ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، فوتي پاڪستانين جو تعلق ڪرم ۽ باجوڙ جي علائقي جو آهي.
پرڏيهي سيڪريٽري ٻڌايو ته سمنڊ پار پاڪستانين جي سمگلنگ جي خاتمي لاءِ انٽرپول سان رابطا مضبوط ڪيا ويا آهن ته جيئن گروپن کي پڪڙيو وڃي.
هن چيو ته انساني سمگلرن خلاف ملڪي سطح تي گهرو وزارت کي آگاهه ڪرڻو آهي، وزيراعظم شهباز شريف واقعا روڪڻ لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ڪري ڇڏي آهي.- Advertisement -
