تازه ترين

سي پيڪ منصوبي جي ڪم ۾ سستيءَ سبب ڪيٽي بندر پراجيڪٽ رڪجي ويو: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، مهاڻن  جي مسئلن جي حل لاءِ ٻه رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته سي پيڪ منصوبي جي ڪم ۾ سستيءَ سبب ڪيٽي بندر پراجيڪٽ رڪجي ويو، ٿر جي ڪوئلي لاءِ ڪيٽي بندر اهم هوندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پورٽس اينڊ شپنگ واري وفاقي وزير قيصر  احمد شيخ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سيد مراد علي ساهه چيو ته ڪراچي پورٽ ٽرمينل جو مرڪز بڻجي سگهي ٿو، ڪراچي گيٽ وي آهي، هو چاهن ٿا ته هت سيڙپڪاري ٿئي. هن چيو ته سنڌ سرڪار چاهي ٿي ته پورٽس اينڊ شپنگ واري وزارت مهاڻن جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ سهڪار ڪري، هو ڪورنگي فش هاربر کي مڪمل طور فعال ڪرڻ چاهن ٿا. وڏي وزير، مهاڻن جي مسئلن جي حل بابت ٻه رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ ميري ٽائيم افيئرز جي وفاقي سيڪريٽري  ڊاڪٽر  ارم شامل آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي بندرگاهه رش سبب سوڙهي ٿي چڪي آهي، هن ڪيٽي بندر کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرايو هو، پر رٿا تي سستيءَ سبب ڪيٽي بندر پراجيڪٽ جو ڪم رڪجي ويو.  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
29 %
2.6kmh
0 %
ڇنڇر
21 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون