تازه ترين

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، پنهنجي گهرواري سرينا عيسيٰ سان گڏ قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪري مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، پنهنجي گهرواري سرينا عيسيٰ سان گڏ قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي سامونڊي فوج جي جٿي طرفان سلامي پيش ڪئي وئي.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، مزار قائد تي گل رکي فاتحه خواني ڪئي.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري تي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مزار قائد تي مهمانن واري ڪتاب ۾ پنهنجي تاثرن ۾ لکيو ته سندس لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته هو چيف جسٽس جي حيثيت ۾ ايشيا جي عظيم ليڊر جي مزار تي حاضر ٿيو آهي، قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀرڻ سندس لاءِ فخر جي ڳالهه آهي.

هن لکيو ته جناح اهو عظيم ليڊر آهي جنهن جي قيادت ۾ مسلمان ننڍي کنڊ هڪ اسلامي رياست قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لکيو ته برداشت، ڀائيچاري ۽ جمهوري عمل سان ئي نظريه پاڪستان کي برقرار رکي سگهجي ٿو، جنهن جو خواب قائداعظم ۽ سندس ساٿين ڏٺو، جنهن جو بنياد قائداعظم پنهنجي اصولن  تنظيم، اتحاد ۽ يقين محڪم تي رکيو هو.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لکيو ته قائداعظم هميشه پنهنجي ڀيڻ سان گڏ رهندو هو، ان کي مثال بڻائي هو پنهنجي گهرواري سان گڏ حاضر ٿيو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
26.9 ° C
26.9 °
26.9 °
17 %
4.3kmh
0 %
سُومر
28 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون