- Advertisement -
سکر بيراج جا دروازا ٽٽڻ واري معاملي جي جاچ رپورٽ ۾ ڪرپشن ۽ ڪوتاھين جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيا آهن.
سنڌ ٽي وي نيوز انويسٽيگيشن سيل جاچ ڪميٽي جي رپورٽ جا اھم تفصيل حاصل ڪري ورتا .
ذريعن موجب رپورٽ ۾ گذريل پنجن سالن دوران بيراج جي مرمت لاءِ ايندڙ رقم درست نموني استعمال نھ ٿيڻ ۽ ڪرپشن جي نشاندھي ڪئي وئي.
ذريعن موجب رپورٽ ۾ سنڌ بيراجز امپروومينٽ پراجيڪٽ جي ڪوتاھين ۽ غلط رٿابندي جي بھ نشاندھي ڪئي وئي.
جون ۾ ٿيل واقعي جي جاچ لاءِ جوڙيل جاچ ڪميٽي رپورٽ تيار ڪري سيڪريٽري آبپاشي حوالي ڪئي.
ذريعن موجب رپورٽ ۾ دروازا ڪِرڻ جو ھڪ سبب اين اي ڊي يونيورسٽي جي جاچ رپورٽ تي پوري ريت عمل نھ ڪرڻ ڄاڻايو ويو.
ذريعن موجب اھڙي راءِ سان بيراج امپروومينٽ پراجيڪٽ جي پي ڊي غلام محي الدين مغل اختلاف ڪيو.
ذريعن موجب 2018 کان 2024 تائين ايم اينڊ آر جي مد ۾ مليل ڪروڙين روپيا دروازن جي مرمت ۽ سنڀال تي پوري ريت خرچ نھ ٿيا.
ذريعن موجب رپورٽ ۾ گھڻو وقت سکر بيراج جي چيف انجنئر طور مقرر سردار علي شاھ جي ڪوتاھي ۽ گھوٻين جي بھ نشاندھي ڪئي وئي.
سنڌ بيراجز امپروومينٽ پراجيڪٽ پنھنجي ڪانٽريڪٽ جي ڊزائين ۾ ڪمزور دورازن کي تڪڙو مضبوط ڪرڻ وارو ڪم شامل نھ ڪرڻ واري ڪوتاھي ڪئي.- Advertisement -
